ڊاڪٽر محمد اقبال ڀنگر

ڊاڪٽر محمد اقبال ڀنگر

ڀنگرمحمد اقبال ڊاڪٽر

ڀنگر ، محمد اقبال ، ڊاڪٽر: پروفيسر محمد اقبال ڀنگر 1950ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائو . ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين ، بعد ۾ حيدرآباد ۽ 1970 ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽريءَ ۾ ايم . ايس . سي ڪيائين . هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ليڪچرار طور بلوچستان يونيورسٽيءَ مان ڪئي . 1979ع ۾ يونيورسٽي آف لنڊن مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين . 1987ع ۾ کيس يونيورسٽي آف پٽسبرگ آمريڪا مان پوسٽ ڊوڪٽرول فيلو مقرر ڪيو ويو . سندس 138 کان مٿي تحقيقي مقالا ڇپيل آهن ، جيڪي مختلف بيروني ۽ ملڪي تحقيقي رسالن ۾ ڇپيل آهن . هن 40 کن ڪيمسٽريءَ جي مختلف موضوعن تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ليڪچر ڏنا آهن . سندس رهنمائيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ” نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس اِن اينالاٽيڪل ڪيمسٽريءَ “ طرفان 23 شاگردن کي ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ، جڏهن ته 13 شاگردن کي ايم . فل جون ڊگريون مليون آهن ، ان کانسواءِ 10 کان وڌيڪ شاگرد هاڻي به سندس رهنمائي هيٺ ڊاڪٽري ڪري رهيا آهن ، کيس تعليمي خدمتن جي عيوض 2001ع ۾ ” فيلو آف دي ڪيميڪل سوسائٽي “ چونڊيو ويو آهي . کيس 2004ع ۾ صدارتي اوارڊ ” اعزاز فضيلت “ سان نوازيو ويو ، جڏهن ته 2008ع ۾ کيس ” پرائيڊ آف پرفارمنس “ جو صدارتي اعزاز ڏنو ويو . ان کانسواءِ کيس ” پروفيسر عطاءُ الرحمان ميڊل “ 2005ع ۾ ملي چڪو آهي . ڪيترين ڏيهي توڙي پرڏيهي تنظيمن جو ميمبر پڻ آهي . ڊاڪٽر ڀنگر پنج بين الاقوامي ڪانفرنسون ۽ 15 تربيتي ورڪشاپ به منعقد ڪرايا آهن . ڪيمسٽري جي موضوعن تي ڪيترن ملڪن: جپان ، چين ، ملائيشيا ، فرانس ، مصر ، سعودي عرب وغيره ۾ ليڪچر ڏنا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي . هن وقت نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان اينالاٽيڪل ڪيمسٽري ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

پروفيسر محمد اقبال ڀنگر 1950ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شميم آرا
اخلاق حسين
راڻو اجمال
ٽنڊولڪر سچن
شمع سنڌي
مير مراد علي خان ٽالپرعلي
مير بهرام خان ٽالپر
صدر پاڪستان
عبدالسميع ميمڻ
دولهه دريا خان 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون